پير شيخ جيئو

پير شيخ جيئو: شيخ جيئو'>پير شيخ جيئو ولد شيخ نعمت الله شيخ بهاؤ الدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان ۽ سهروردي مشائخن ۽ برک بزرگن مان هڪ هو، پاڻ مڪليءَ جي وڏن اهل الله مان هڪ آهي، ولايت ۽ عرفان جي ڪمال سبب ’چراغ ڪلي‘ جي لقب سان مشهور آهي، سنڌي ۾ شيخ جيئو مڪليءَ جو ڏيئو سڏيو وڃي ٿو، شيخ جيئو جي مزار مٿان بلند ديوارن جو مقبرو آهي، ڇت مٿان گنبذ آهن، ڏکڻ کان ڪاٺ جو داخلي دروازو آهي، مقبري ۾ اندر ڪافي قبرون آهن، جن مان ڏاکڻي طرف کان شيخ جي مزار ٻين کان ٿورو جدا آهي .


لفظ پير شيخ جيئوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو